SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


MNCs Multinational Corporations

(click word to listen sound
  • 🔊
  • mncs
  • mʌltineiʃənl
  • kɔːpəreiʃənz
  • )

From the Dictionary of International Relations:

MNCs Multinational Corporations

ملٽي-نيشنل ڪارپوريشنس

گهڻ- قومي ادارا

هڪ کان وڌيڪ ملڪن ۾ پيداواري عمل جاري رکندڙ،اثاثا/ سيڙپ رکندڙ يا خدمتون آڇيندڙ ادارن کي گهڻ- قومي ادارا سڏيو ويندو آهي. ’بين الاقوامي پورهيي جي تنظيم‘(ILO) جي وضاحت موجب اهڙن ادارن جوعالمي انتظامي سرشتي سان ترتيب ڏنل مرڪزي دفتر ڪنهن هڪ ملڪ ۾ قائم ڪيل هوندو آهي، جنهن کي ’جنم وارو ملڪ‘ (Home Country) چئبو آهي، جڏهن ته مختلف ملڪ جن ۾ سندس قائم ٿيل ڪارخانن ۽ دفترن ۾ ڪاروباري سرگرميون سرانجام ڏنيون وينديون آهي، تن کي ’ميزبان مُلڪ‘ (Host Country) ڪوٺبو آهي. دنيا ۾ ولنديزي ’ڊَچ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ‘ کي پهرين گهڻ- قومي ادارو ڳڻجي ٿو، جنهن ڪاروباري تاريخ ۾ پهريون ڀيرو منهنجن شيئرز جي نيلامي ڪئي ۽کيس جنگ ڪرڻ، ٺاهه ڪرڻ، سڪو جاري ڪرڻ ۽ بيٺڪون قائم ڪرڻ سميت ڪنهن ننڍي حڪومت جيترا اختيار حاصل هئا. دنيا ۾ ڪيترا گهڻ- قومي ادارا اهڙا به آهن، جن جي ملڪيتن جو ڪاٿو ڪيترن ملڪن کان وڌيڪ ۽ آمدني پڻ ڪافي ملڪن جي مجموعي قومي پيداوار کان مٿي هوندي آهي. سندن اثر جو دائرو مقامي انتظاميائن سان گڏ مُلڪي سرڪارن،بين الاقوامي معيشيت ۽ عالمي پاليسي جوڙيندڙ ادارن تائين پکڙيل هوندو آهي. ان ڪري بين الاقوامي لاڳاپن ۽ ڀونءِ- واد سميت دنيا جو اهم معاملن تي اثر وجهي سگهنديون آهن. دنيا جي وڏن گهڻ قومي ادارن، جهڙوڪ ڪوڪاڪولا، وال مارٽ، نائيڪي، توشيبا، هنڊا، بي ايم ڊبليو، نيسلي، سوني، شيل ۽ مائيڪرو سافٽ وغيره جو تعلق امريڪا، جاپان ۽ اولهه يورپ جي ملڪن سان آهي


Remember Me Also:

آريتي

ث. اُها چوپائِي جا ڀاڙي کاڌي، لالچ تي کير ڏهڻ ڏئي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal